سانوڻ سنڌي

سانوڻ سنڌي

سانوڻ سنڌي

سانوڻ سنڌي: شاعرسانوڻ سنڌيءَ‘ جو اصل نالو به سانوڻ هو ۽ هُو مُکي کمون مل مينگهواڙ جي گهر ۾، 5 فبروري 1966ع تي، سيد محلي، ٽنڊي غلام عليءَ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين پنهنجي شهر ۾ تعليم حاصل ڪئي. هاير سيڪنڊري اسڪول/ ڪاليج مان 1984ع ۾ انٽر ڪئي ۽ ان کانپوءِ بي. ايس. سي ۽ ايم اي سنڌيءَ جون ڊگريون گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪيائين.
سانوڻ سنڌي، جونئير اسڪول ٽيچر ٿيو. ان کانپوءِ هن جي سائنس ٽيچر طور مقرري ٿي . سانوڻ سنڌي، پورهيت مائٽن جو محنتي اولاد هو. هن محنتي مزدوريءَ سان گڏ ايمانداريءَ سان ملازمت ڪئي. هن کي ننڍپڻ کان وٺي لکڻ پڙهڻ جو شوق هو ۽ 1983ع کان باقاعدي شاعري ڪيائين، جڏهن سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر واجد سنڌي، ٽنڊي غلام عليءَ ۾ ملازم ٿي آيو ته سانوڻ سنڌي ۽ هن گڏجي صوفي شاهه عنايت شهيد اڀياس گهر قائم ڪيو، جنهن جي لائبرري آفيس ۾ هفتيوار ادبي گڏجاڻيون ٿينديون هيون. ادبي گڏجاڻين جي تنقيدي نشستن ۾ سانوڻ جي شاعري پختگي اختيار ڪئي. ان وقت مشڪور ڦلڪارو، غلام مصطفيٰ شاهين، عمر آريسر، نبي بخش ناز، سليم رضا ۽ ٻيا گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. اڳتي هلي صوفي شاهه عنايت شهيد اڀياس گهر، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي غلام عليءَ ۾ ضم ٿيو، تڏهن ڪهاڻيڪار جمن احمداڻي، اعجاز ڀٽي، امر سنڌي، رفيق لنڊ، مختيار سهتو ۽ جهانگير گل وغيره به گڏجاڻين ۾ اچڻ شروع ٿيا، ائين سانوڻ سنڌيءَ جي شاعري پختگي اختيار ڪندي وئي. هو سُٺو ڪمپيـئر به هو. مختلف پروگرامن جي ڪمپيئرنگ ڪيائين. سنڌي ادبي سنگت، ٽنڊي غلام عليءَ جي ترقيءَ ۾ سندس تمام وڏو هٿ هو. هن ڪهاڻيون ۽ مضمون به لکيا. سيپٽمبر 2002ع جي ڪينجهر رسـالـي ۾ سـندس ٽنڊي غلام عليءَ تي لکيل مضمون سڄيءَ سنڌ ۾ ٻيو نمبر حاصل ڪيو. سانوڻ سنڌي 37 سالن جي نوجوانيءَ واري عمر ۾4 جنوري 2003ع وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’ساوڻ آيو ساٺ ڪري‘ سنڌي ادبي سنگت، ٽنڊي غلام عليءَ پاران جنوري 2004ع ۾ سندس پهرين ورسيءَ تي ڇپجي پڌرو ٿيو.


لفظ سانوڻ سنڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.02.05  عيسوي

شاعر ’سانوڻ سنڌيءَ‘ جو اصل نالو به سانوڻ هو ۽ هُو مُکي کمون مل مينگهواڙ جي گهر ۾، 5 فبروري 1966ع تي، سيد محلي، ٽنڊي غلام عليءَ ۾ پيدا ٿيو.


2003.01.04  عيسوي

سانوڻ سنڌي 37 سالن جي نوجوانيءَ واري عمر ۾4 جنوري 2003ع وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

برڪت بلوچ
انعام ٽکڙائي
شيخ عبدالسبحان ٺٽوي
ڀٽو مدهوش
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
الطاف ملڪاڻي
عرض محمد خان لغاري نواب
سلامي ملا
اٽل مل بينام
دبير مرزا
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون